ديوان تارڪ

ديوان تارڪ

ديوان تارڪ

ديوان تارڪ (ڪتاب): ديوان تارڪ فقير هدايت علي نجفي تخلص ’تارڪ‘ جو سنڌي غزلن جو مجموعو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نواز علي شوق مرتب ڪيو آهي. ديوان ۾ حرف اول سيد اظهر گيلانيءَ جو لکيل آهي. مهاڳ ۽ مقدمو ڊاڪٽر نواز علي شوق جو لکيل آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته: ”فقير هدايت علي نجفي سنڌ جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي، ديوان ۾ غزلن جي رديفن جي الف ب واري ترتيب اڳوڻي يعني اصلوڪي آهي. فقير نجفي عالم دين هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سچو صوفي پڻ هو ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو تصنيف، تاليف ۽ ترجمي ۾ صرف ڪيو.“
ديوان حروف تهجيءَ مطابق رديفن جي لحاظ کان رکيو ويو آهي. ديوان ۾ ڪل غزلن جو تعداد 316 آهي. ڊيمي سائيز ۾ 281 صفحن تي مشتمل هي ديوان سنڌي ادبي بورڊ، 1989ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


لفظ ديوان تارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو